سنڌ جي چئن نئين وزيرن حلف کڻي ورتو، وڏي وزير جا ٽي مشير به مقرر ڪرڻ جو اعلان

سنڌ حڪومت جي چئن نون وزيرن حلف کڻي ورتو، وزيراعليٰ جا ٽي مشير به مقرر ڪيا ويا آهن.

سنڌ ۾ چئن نون وزيرن حلف کڻي ورتو آهي، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي موجودگي ۾ چئني وزيرن کان حلف ورتو.

وڏي وزير جي ٽن مشيرن جي مقرري جو به اعلان ڪيو ويو آهي.

گورنر هائوس ڪراچي ۾ چيف سيڪريٽر ممتاز شاهه ڪارروائي عمل ۾ آندي جڏهن ته ڪارروائي جي شروعات پاڪ ڪتاب جي تلاوت سان ڪئي وئي.

چيف سيڪريٽري وزيراعليٰ جي سفارشن تي چئن نون وزيرن جي مقرري جو اعلان ڪيو.

سنڌ جي گورنر جن وزيرن کان حلف ورتو انهن ۾ ساجد جوکيو، گيان چند ايسراڻي، ضياء عباس ۽ ڄام خان شورو شامل آهن.

Read Previous

شادي تقريب دوران وِڄ ڪرڻ سبب 16 ڄڻا فوت

Read Next

قراردادن جون ڀڃڪڙيون ڪندڙ ڀارت سلامتي ڪائونسل جو صدر آهي: شهباز شريف

Most Popular