مندر واقعو:شرپسندن قومي پرچم ۾ اقليتن جي نمائندگي ڪندڙ اڇي رنگ جي توهين ڪئي آهي: بلاول

چيئرمين پيپلزپارتي بلاول ڀُٽو زرداري رحيم يار خان جي هڪ مندر ۾ ڀڃ ڊاهه واري واقعي جي مذمت ڪئي آهي.

هڪ بيان ۾ سندس چوڻ هو ته مذهبي ڀائيچارو اسانجي خطي جي روايتن ۾ شامل آهي، عدم برداشت جو مظاهرو ڪرڻ اسان جي تهذيب جو حصو آهي.

بلاول ڀٽو چيو ته انتهاپسندن مندر کي نقصان پهچائي قومي پرچم ۾ اقليتن جي نمائندگي ڪندڙ اڇي رنگ جي توهين ڪئي آهي.

هن جو چوڻ هو ته انتظاميا اهڙي دل ڌوڏيندڙ واقعي ۽ افسوسناڪ واقعي جي ملوث جوابدارنن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي عبرتناڪ سزا ڏئي.

Read Previous

قراردادن جون ڀڃڪڙيون ڪندڙ ڀارت سلامتي ڪائونسل جو صدر آهي: شهباز شريف

Read Next

آمريڪا جو پاڪستان کان افغان مهاجرن لاءِ سرحدون کولڻ جو مطالبو

Most Popular