قراردادن جون ڀڃڪڙيون ڪندڙ ڀارت سلامتي ڪائونسل جو صدر آهي: شهباز شريف

مسلم ليگ ن جي صدر ميان محمد شهباز شريف والاريل جمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019 جا غيرقانوني ڀارتي قدم گڏيل قومن ۽ عالمي برادري لاءِ سواليا نشان آهن.حڪومت پاڪستان کي آگسٽ ۾ سلامتي ۾ قراداد پيش ڪرڻ گهرجي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته عالمي برادري ۽ ادارا ڀارت کي سندس ظلمن تي ڪٽهڙي ۾ آڻين. ان حوالي سان سلامتي ڪائونسل رڳو اجلاسن تائين ئي محدود آهي.

Read Previous

سنڌ جي چئن نئين وزيرن حلف کڻي ورتو، وڏي وزير جا ٽي مشير به مقرر ڪرڻ جو اعلان

Read Next

مندر واقعو:شرپسندن قومي پرچم ۾ اقليتن جي نمائندگي ڪندڙ اڇي رنگ جي توهين ڪئي آهي: بلاول

Most Popular