ڊاڪٽر ماها شاهه ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي جي عدالت ڊاڪٽر ماها شاهه ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.

ڪراچي جي مقامي عدالت فرد جرم ۾ سبب لاءِ قتل ۽ زيادتي جا قلم به شامل ڪيا آهن، جڏهن ته فريادي جي درخواست تي شاهديون گڏ ڪرڻ جا قلم به فرد جرم ۾ آهن.

عدالت طرفان فرد جرم لاڳو ڪرڻ تي جوابدار ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي عدالت فريادي جي شاهدن ۽ جاچ آفيسر کي 4 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو.

واضح رهي ته گذريل سال 19 آگسٽ تي ڪراچي جي علائقي ڊفينس مان ليڊي ڊاڪٽر ماها شاهه جو مڙهه سندس گهران هٿ آيو هو، جنهن تي پوليس شڪ ظاهر ڪيو هو ته ڊاڪٽرياڻي گولي هڻي آپگهات ڪيو آهي.

Read Previous

افغانستان ۾ امن جي ضمانت نٿا ڏئي سگهون: شاهه محمود قريشي

Read Next

ڪورونا ويڪسين جي ٻئي ڊوز بابت اهم هدايتون جاري

Most Popular