بيمار ٻار جي علاج لاءِ پولش ايٿليٽ پنهنجي قيمتي شئي نيلام ڪري ڇڏي

بيمار ٻار جي علاج ۾ خرچ پورو ڪرڻ لاءِ پولينڊ جي ايٿليٽ ماريا ايندري ميدان ۾ اچي وئي.

سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ذريعي ماريا اعلان ڪيو ته اينٽو نالي ٻار جي دل ۾ خرابي سبب ان جي سرجري هجڻ ضروري آهي، ان لاءِ مان پهريون ڀيرو ڪنهن فنڊنگ مهم ۾ شريڪ ٿي آهيان ۽ مون کي اهڙو درست فيصلو ڪرڻ ۾ دير به نه لڳي.

ٻار جي سرجري لاءِ 38 هزار آمريڪي ڊالر گهربل هئا، جنهن جي اڌ رقم گڏ ٿي چڪي هئي، جنهن تي عورت پنهنجو ميڊل نيلام ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

Read Previous

سنڌ ۾ اسڪول ايندڙ حڪم تائين بند

Read Next

تذيل جو نشانو بڻيل ٽڪ ٽاڪر سمورا الزام رد ڪري ڇڏيا

Most Popular