ايئرپورٽ تي سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي

سول ايوي ايشن اٿارٽي (سي اي اي) ايئرپورٽ تي سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي.

سي اي اي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ائيرپورٽ جي پابندي پيل علائقن ۾ سمارٽ فون جي استعمال تي پابندي هوندي.

پشاور جي باچا خان ايئرپورٽ انتظاميا طرفان جاري ڪيل حڪم نامي موجب پابندي جو فيصلو سيڪيورٽي سببن جي ڪري ڪيو ويو، پابندي پيل علائقن ۾ سمارٽ فون جو استعمال ايئر پورٽ مينيجر جي اجازت سان مشروط هوندو.

Read Previous

ڏکڻ وزيرستان ۾ بارودي سرنگهه جو ڌماڪو، اهلڪار شهيد

Read Next

سنڌ حڪومت جو وفاق جي اجازت بنا وڏو قدم

Most Popular