طالبان نئين افغان حڪومت جي اعلان بابت ٻڌائي ڇڏيو

قطر جي راڄڌاني دوحه ۾ افغان طالبان آفيس جي نائب سربراهه شير محمد عباس ستانڪزئي چيو آهي ته ٻن ڏينهن ۾ نئين افغان حڪومت جو اعلان ۽ ڪابل ايئرپورٽ فعال ٿي ويندي.

پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ شير محمد ستانڪزئي چيو ته نئين افغان حڪومت ۾ گذريل 20 سالن دوران حڪومت ۾ رهندڙ ماڻهو شامل نه هوندا، نئين حڪومت ۾ عورت جو گھڻو انگ هوندو پر وڏن عهدن تي سندس مقرري ڏکي آهي.

هن چيو ته نئين افغان حڪومت جامع ۽ افغانستان جي سڀني قومن جي نمائنده هوندي، افغان گڏ ۽ متفق آهن، آمريڪا سميت يورپي يونين ۽ دنيا جي سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، دنيا کي گھرجي ته صورتحال مان فائدووٺي، نئين افغان حڪومت کي تسليم ڪري.

سندس چوڻ هو ته ڪابل ايئرپورٽ تي هاڻوڪي افراتفري آمريڪين جي بدانتظامي سبب ٿي ۽ ايئرپورٽ جي نئين سر بحالي لاءِ 3 ڪروڙ ڊالرن جي رقم گھربل هوندي.

Read Previous

بلوچستان جو پهريون وڏو وزير سردار عطاءُ الله مينگل لاڏاڻو ڪري ويو

Read Next

جو روٽ ٽيسٽ بيٽسمينن جي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن تي اچي ويو

Most Popular