اتر وزيرستان ۾ آپريشن دوران ڌماڪي ۾ ٻه اهلڪار شهيد

اتر وزيرستان ۾ ڪليئرنس آپريشن دوران آءِ اي ڊي ڌماڪي ۾ ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي دوسلي ۾ ڪليئرنس آپريشن دوران اي آءِ ڊي ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جن ۾ سپاهي ضياءُ اڪرم ۽ سپاهي مصور خان شامل آهن.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته واقعي کانپوءِ ڌماڪيدار مواد لڳائيندڙ دهشتگردن کي پڪڙڻ لاءِ علائقي جي ناڪابندي ڪئي وئي آهي.

Read Previous

وزير اعظم پاران پرويز مشرف جو اين آر او ڏيڻ آئين ٽوڙڻ کان به وڏو ڏوهه قرار

Read Next

افغان عوام کي امداد جي فراهمي لاءِ عالمي برادري سان گڏ آهيون: آمريڪا

Most Popular