ٿاڻو بولا خان: قائم پي پي ايڇ آئي سينٽرن ۾ صحت جي حوالي سان سھولتون ڏيڻ جي حوالي سان ٿاڻي احمد خان پي پي ايڇ آئي سينٽر ۾ مقامي ڳوٺاڻن سان گڏجاڻي ڪئي

ٿاڻو بولا خان ( رپورٽ : راشد نواز منڱڻھار ) پي پي ايڇ آئي جي ڊسٽرڪٽ منيجر ڄامشور محمد شفيق آگرو جي تعلقه ٿاڻو بولا خان جي يوسين ۾ قائم پي پي ايڇ آئي سينٽرن ۾ صحت جي حوالي سان وڌيڪ بھتر سھولتون ڏيڻ جي حوالي سان ٿاڻي احمد خان پي پي ايڇ آئي سينٽر ۾ مقامي ڳوٺاڻن سان گڏجاڻي ڪئي گڏجاڻي ۾ پي پي ايڇ آئي انتظاميه ۽ ڳوٺاڻن ھڪ ٻئي سان اسپتالن کي وڌيڪ بھتر بنائڻ لاء صلاح مشورا ڪيا ويا ٿاڻو احمد خان پي پي ايڇ آئي سينٽر پراڻي بلڊينگ زبون ٿيڻ جي ڪري نئي بلڊينگ ۾ شفٽ ٿيڻ ڪوھستان جي تعليم يافته نياڻين کي پي پي ايڇ آئي طرفان مفت ڪورس ڪرائي مقامي سينٽرن ۾ مقرريون ڪرڻ پي پي ايڇ آئي سينٽرن ۾ حاملا عورتن لاء آپريشن ٿيٽر سينٽر کولڻ تي غور ويچار ڪيو ويو ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ منيجر محمد شفيق آگرو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته صحت جي لحاظ کان ٿر جي ڀيٽ ۾ ڪوھستان تمام پٺتي پيل آھي ڪوھستان جي ڏورانھي علائقن جون حالتون تمام خراب آھن روڊ رستا نه ھجڻ ڪري ٻاھر جا ڊاڪٽر ٿاڻو بولا خان جي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ ڊيوٽي ڪرڻ لاء تيار ناھن ان لاء اسان اھو فيصلو ڪيو آھي آھي جيڪي به پي پي ايڇ آئي سينٽر آھن اتان جي مقامي پڙھيل لکيل ڇوڪرين کي مفت ڪورس ڪرائي اتي ئي سندن مقرريون ڪجن جيئن مقامي سينٽرن ۾ وڌيڪ بھتري اچي ھن وڌيڪ چيو ته ان حوالي مقامي ماڻھو اسان سان تعاون ڪن ڪوھستان ۾ صحت جي حوالي سان بھتر کان بھتر ڪم ڪري سگھون ڪوھستان جي ڀيٽ ۾ ٿر تمام اڳتي آھي ڪوھستان ۾ صحت مامري تي حڪومت کي توجھ ڏيڻ جي ضرورت آھي ٿر جي ميڊيڪل اسٽاف جيان ڪوھستان جي ميڊيڪل اسٽاف کي الائونس ڏنو وڃي

Read Previous

مون کي پنهنجي زمين تي خورشيد تنيو ۽ ٻين بااثرن جي بڇ تي بيگناھ ڌڪ هڻي ماريندا رهيا ۽ فائرنگ ڪري پنهنجي بنگلي تي اغوا ڪري کڻي ويا

Read Next

سجاول شھر ۾ غيرقانوني حددخلين خلاف انڪروچمنٽ پوليس جي ڪاروائي

Most Popular