بحريا ٽائون ڪيس: جلال محمود شاهه، رياض چانڊيو، قادر مگسي سميت ٻيا 27 ڪيسن مان آجا قرار

بحريا ٽائون ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ عدالت سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان داخل ڪيل 27 ڪيس ختم ڪري ڇڏيا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بحريا ٽائون ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي 27 ڪيسن مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو.

سيد جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي، رياض چانڊيو، سجاد چانڊيو، عبدالخالق جوڻيجو  سميت 105 ڪارنن ۽ ٻين اڳواڻن مٿان داخل ڪيل ڪيسن مان 27 ڪيسن کي سي ڪلاس قرار ڏئي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه عدالتي فيصلي کي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي وڪيلن جي شاندار جدوجهد ۽ انهن جو سنڌ جي قومي ۽ جمهوري تحريڪ سان گڏ بيهڻ قابل فخر ڳالھ آھي.

Read Previous

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تحت ھلندڙ باب العلم انگلش ميڊيئم اسڪول جي نئين بلڊنگ جو شاندار افتتاح ٿي گذريو

Read Next

نيوٽرل وينيو تي کيڏڻ کان ٺُپ جواب، اسان به ڪنهن جو لحاظ نه ڪنداسين: رميز راجا

Most Popular