اڳوڻو صدر آصف زرداري فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ طلب

اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي مبينه شڪي ٽرانزيڪشن واري ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 29 سيپٽمبر تي طلب ڪيو آهي.

ذريعن موجب عدالت طرفان 8 ارب رپين جي مبينه شڪي ٽرانزيڪشن واري ڪيس ۾ سمن بلاول هائوس ڪراچي واري ايڊريس تي موڪليو ويو.

واضح رهي ته انکان اڳ اڳوڻي صدر جي مبينه فرنٽ مين مشتاق احمد کي اشتهار قرار ڏيندي ڪيس کان الڳ ڪيو ويو آهي.

مشتاق احمد کي احتساب عدالت اشتهار ذريعي طلب ڪيو هو ۽ 9 سيپٽمبر تي جوابدار کي پيش ٿيڻ جي آخري مهلت ڏني وئي هئي پر هو پيش نه ٿيو جنهن کانپوءِ عدالت مشتاق احمد جو شناختي ڪارڊ بلاڪ ۽ ملڪيت ضبط ڪرڻ جي ڪاروائي شروع ڪرڻ جو به حڪم ڏنو هو.

Read Previous

نواب شاہ : تعلقا قاضی احمد جي شهر نواب ولي محمد هاءِ اسڪول کي شھرين طرفان پنهنجي مدد پاڻ تحت 20 کان وڌيڪ پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڪولر وٺي ڏنا ويا

Read Next

سزائون سخت ڏنيون وينديون، موت جي سزا ۽ هٿ ڪٽڻ وارو دور واپس ايندو: طالبان

Most Popular