سزائون سخت ڏنيون وينديون، موت جي سزا ۽ هٿ ڪٽڻ وارو دور واپس ايندو: طالبان

افغان طالبان جي باني اڳواڻن مان هڪ ملا نور الدين ترابي چيو آهي ته افغانستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڏوهن تي موت جي سزا ۽ هٿ ڪٽڻ جي سزا جو دور موٽي ايندو پر ممڪن آهي ته هن ڀيري سري عام سزائون نه ڏنيون وڃن.

آمريڪي خابرو اداري (اي پي) کي ڪابل ۾ ڏنل انٽرويو ۾ ملا نور الدين ترابي ماضي ۾ طالبان طرفان ڏنيون ويندڙ سزائن تي تنقيد کي رد ڪندي دنيا کي خبردار ڪيو آهي ته اهي افغانستان جي نئين حڪمرانن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪن.

هن چيو ته ڪير به اسان کي نه ٻڌائيندو ته اسان جا ڪهڙا قانون هجڻ گهرجن، اسان اسلام تي عمل ڪنداسين ۽ قرآن موجب پنهنجا قانون جوڙينداسين.

ملا نورالدين ترابي موجب سيڪيورٽي جي لاءِ هٿ ڪٽڻ جهڙي سزا ضروري آهي ڇو ته ان جو واضح اثر هو، هن چيو ته ڪابينا عوامي سطح تي سزائون ڏيڻ واري معاملي تي غور ڪري رهي آهي جڏهن ته ان حوالي سان هڪ پاليسي جوڙي ويندي.

انٽرويو ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن سزائون سري عام ڏنيون ويون ته ماڻهن کي فوٽو ڪڍڻ ۽ وڊيو ٺاهڻ جي به اجازت ڏني ويندي ته جيئن ٻيا ماڻهو ان مان عبرت حاصل ڪن.

طالبان اڳواڻ جو چوڻ هو ته ماضي ۾اسٽيڊيم ۾ ڀريل هجوم جي اڳيان ڏني ويندڙ سزائن جي حوالي سان سڀ ڪنهن اسان تي تنقيد ڪئي پر اسان ڪڏهن به انهن جي سزائن ۽ قانونن جي حوالي سان ڪا به ڳالهه نه ڪئي.

هن اهو به ٻڌايو ته طالبان ماضي جي ڀيٽ ۾ هاڻي مٽجي ويا آهن، هاڻي طالبان ٽيلي ويزن، موبائل، تصويرون ڪڍڻ ۽ وڊيو جي اجازت ڏيندا ڇو ته اهي ماڻهن جي ضرورتن منجهان آهن ۽ اسان ان حوالي سان سنجيده آهيون.

Read Previous

اڳوڻو صدر آصف زرداري فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ طلب

Read Next

انگلش بورڊ جو دورو ملتوي ڪرڻ جي حوالي سان وڏو انڪشاف

Most Popular