سنڌ حڪومت کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي آڇ، مراد علي شاهه کان ڀنڊار ٻيٽ منصوبي تي نظرثاني جو مطالبو

عمران خان

وزيراعظم عمران خان ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو ۽ چيو ته ڪراچي جي بهتري لاءِ سنڌ ۽ وفاقي حڪومت کي گڏجي هلڻو پوندو.

ڪي سي آر منصوبي جي افتتاحي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هي وڏو موقعو آهي، ريلوي آفيسر ۽ مزدور به موجود آهن، اسان ڪراچي ۾ ڪي سي آر منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، ترقي يافته ملڪن جي ترقي کي عام طور تي هڪ ملڪ ليڊ ڪندو آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪراچي جي اهميت جو اندازو نٿا لڳائي سگهو، انگلينڊ ۾ لنڊن، آمريڪا ۾ نيو يارڪ ۽ پاڪستان ۾ ڪراچي آهي، ڪراچي ٽرانفارميشن پلان جو فائدو سڄي ملڪ کي ٿيندو، بنيادي انفرا اسٽرڪچر ۾ سڀ کان اهم شئي ٽرانسپورٽ هوندي آهي، ڪراچي جو ٻيو وڏو مسئلو پاڻي آهي، ڪي فور منصوبو ڪراچي لاءِ نعمت هوندو، بريفنگ ڏني وئي ته ٻن سالن ۾ منصوبو مڪمل ٿي ويندو.

Read Previous

مهانگي کنڊ درآمد ڪري قومي خزاني کي لوٽي وڏي واردات ڪئي وئي: شازيه مري

Read Next

مورو جي مين گرلس پرائمري اسڪول جي ٻاھرين ديوار اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي شاگرد معجزانہ طور محفوط رھيا، ديوار ڪرڻ سبب ٻارن ۾ افرا تفري مچي وئي

Most Popular