ڪشمور ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محمد خان جکراڻي ۾ گهرو تڪرار تان سهري حسام دين جکراڻي لٺيون هڻي پنهنجي ننهن مسمات زيندگ خاتون کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪشمور (رپورٽ اعجاز احمد چنہ) ڪشمور ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محمد خان جکراڻي ۾ گهرو تڪرار تان سهري حسام دين جکراڻي لٺيون هڻي پنهنجي ننهن مسمات زيندگ خاتون کي قتل ڪري ڇڏيو. سول اسپتال ڪشمور مان پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ خلاف جکراڻي برادري جي عورتن ۽ مردن پاران مقتول عورت جي لاش کي سول اسپتال ٻاهران انڊس هائي وي تي رکي ڌرڻو هنيو ويو آهي. ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي ويئي آهي. ان موقعي تي مقتول عورت جي پيءُ شير محمد جکراڻي، ماءُ مسمات، پنهوري خاتون، مامي عبدالواحد جکراڻي جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن ناحق اسان جي نياڻي کي قتل ڪيو ويو. ڪالھ کان لاش جي پوسٽ مارٽم لاءّ سول اسپتال ڪشمور سميت مختلف سرڪاري اسپتالن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون، ڪو به نياڻي جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ تيار ئي ناهي.

Read Previous

ٽنڊو محمد خان ۾ شيعان حيدر ڪرار پاران سوين مردن ۽ عورتن پاران مسجد علي کان احتجاجي ريلي

Read Next

تعليمي ادارن جي حوالي سان حڪومت جو وڏو فيصلو

Most Popular