شاهد خاقان ۽ مفتاح اسماعيل جو نيب آرڊيننس تحت رليف وٺڻ کان انڪار

ن ليگ اڳواڻن شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل ايل اين جي ريفرنس ۾ نيب ترميمي آرڊيننس جي بنياد تي رليف وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر ڪيس جي شريڪ جوابدارن ترميمي آرڊيننس تحت ريفرنس خارج ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد اعظم خان ايل اين جي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، جتي اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جوابدار طور پيش ٿيو، کيس حاضري لڳائي وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.

ريفرنس جي شريڪ جوابدار جي وڪيل چيو ته نيب جو ترميمي آرڊيننس اچي ويو آهي، اسان کي جائزو وٺڻ جو وقت ڏنو وڃي، آزادي جي درخواست داخل ڪنداسين.

بئريسٽر ظفر الله چيو ته نيب ترميمي آرڊيننس ۾ نان پبلڪ آفيس هولڊر کي به ڪڍيو ويو آهي، جيڪڏهن ٽيڪس جو مسئلو آهي ته ٽيڪس ٽربيونل ۾ ڪيس هلايو ويندو.

ايئر بليو جي سي اي او چوڌري اسلم پرائيويٽ شخص طور ريفرنس مان نالو ڪڍڻ جي اپيل ڪئي.

Read Previous

اشرف غني پئسن جا ڀريل ٿيلها کڻي ويو، وڊيو جو انڪشاف

Read Next

پيءَ جي لاڏاڻي تي پٽ کي نوڪري ڏيڻ جو قانون عجيب آهي: چيف جسٽس

Most Popular