عيد ميلاد النبي صه ملڪ ۾ نعتن ۽ درود سلام جون محفلون، لبيڪ يا رسول الله جون صدائون بلند

سڄي ملڪ ۾ ٻنهي جهانن جي سردار رحمت العالمين حضرت محمد مصطفيٰ صه جي ولادت جو جشن عقيدت ۽ احترام سان جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.

اڄ 12 ربيع الاول جي موقعي تي ڏينهن جي شروعات تي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ 31 ۽ صوبائي گادي واري هنڌن ۾ ايڪويهه ايڪويهه توپن جي سلامي ڏني وئي، جڏهن ته لاهور جي ايوب اسٽيڊيم ۾ پاڪ فوج جي دستي توپن جي سلامي ڏني.

جشنِ عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي هر گهر هر گهٽي کي روشنين سان سينگاريو ويو آهي، مک خانگي ۽ سڪاري عمارتون، مسجدون ۽ علائقا خوبصورت رنگ برنگي روشني واري لائيٽن سان سجايا ويا.

ان حوالي سان ملڪ جي هر ننڍي توڙي وڏي شهر ۾ جلوس ڪڍيا پيا وڃن، مختلف تقريبن ۾ عالم سڳورا حضور صلعم جن جي پاڪ زندگي تي روشني وڌي.

ڪراچي ۾ جشن عيد ميلاد النبي صه جو مرڪزي ميڙاڪو نشتر پارڪ ۾ ڪوٺايو ويندو ۽ جماعت اهل سنت جي تحت جلوس ميمڻ مسجد ايم اي جناح روڊ کان نڪرندو، جلوس جي سيڪيورٽي جي لاءِ پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي.

عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي ڪراچي توڙي مختلف شهرن ۾ سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي موبائل سروس معطل ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي.

Read Previous

آمريڪا وڏي عرصي کانپوءِ پاڪستان لاءِ پنهنجو سفير نامزد ڪري ڇڏيو

Read Next

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: اسڪاٽ لينڊ جو پاپوا نيوگني کي 166 رنسن جو هدف

Most Popular