ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: اسڪاٽ لينڊ جو پاپوا نيوگني کي 166 رنسن جو هدف

آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ۾ اسڪاٽ لينڊ پاپوانيوگني کي 166 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏو.

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ڪواليفائيڊ رائونڊ جي پنجين ميچ ۾ اسڪاٽ لينڊ جي ڪپتان ٽاس کٽي بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

اسڪاٽ لينڊ جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 165 رنسون ٺاهيون، ريچي بيرينگٽن 70 رنسون ٺاهي سڀ کان اڳڀرو رهيو.

انکانسواءِ ميٿيو ڪراس 45 ۽ جارج منسي 15 رنسون ٺاهيون، پاپوا نيوگني جي ڪابوا موريا 31 رنسون ڏيندي 4 وڪيٽون ورتيون.

Read Previous

عيد ميلاد النبي صه ملڪ ۾ نعتن ۽ درود سلام جون محفلون، لبيڪ يا رسول الله جون صدائون بلند

Read Next

اداڪار شان کي عوام جي نه وزيراعظم جي ڳڻتي!

Most Popular