ايئرپورٽ کي کنڊر بڻايو ويو آهي، اتي به شادي هال ٺاهي ڇڏيو: سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ ايئرپورٽ جي ڀرپاسي شادي هال هلائڻ تي ڊي جي سول ايشن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سول ايوي ايشن کي الاٽ زمين ڪنهن ٻئي کي الاٽ ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ڊي جي سول ايوي ايشن عدالت ۾ پيش ٿيو.

عدالت ڊي جي کان پڇاڻو ڪيو ته اڳ واري زمين جو ڇا ٿيو جو هاڻ وري زمين وٺڻ چاهيو ٿا؟ اڳ واري زمين تي شادي هال هلي رهيا آهن، ڇا توهان جو ڪم شادي هال هلائڻ آهي؟ پوءِ توهان ايئرپورٽ تي به شادي هال ٺاهي ڇڏيو، سڄي ڪراچي ايئرپورٽ کي کنڊر بڻايو ويو آهي.

عدالت ڊي جي سول ايوي ايشن کي مخاطب ٿيندي چيو ته واحد توهان آهيو جيڪي رات جو جهاز اڏائيندا آهيو، ڪنهن مهذب ملڪ ۾ ائين ناهي ٿيندو ته رات جو جهاز اڏايو وڃي، ماڻهو ننڊ پيل هوندا آهن ۽ توهان جهاز انهن جي مٿان اڏائيندا آهيو، ڇا ماڻهن کي ننڊ ناهي ڪرڻي؟

چيف جسٽس آف پاڪستان ڊي جي سول ايوي ايشن کان پڇاڻو ڪيو ته ڪو نئون ايئرپورٽ ٺهي رهيو آهي؟ جنهن تي ڊي جي ٻڌايو ته نه، ڪارگو لاءِ نئون ٽرمينل ٺهي رهيو آهي، چيف جسٽس چيو توهان وٽ ته رن وي ناهي.

عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو شادي هال هلائي رهيا آهيو، سڀاڻي ڪسينو ۽ نائيٽ ڪلب به کولي ڇڏيو، دنيا به ڪنهن به ايئرپورٽ هليا وڃن، هيٿرو ايئرپورٽ هليا وڃو ڪٿي به شال هال ناهن.

Read Previous

ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

Read Next

ڪراچي وارن کي ڪرنٽ، نيپرا بجلي مهانگي ڪري ڇڏي

Most Popular