ورلڊ ڪپ: نيوزيلينڊ پاڪستان خلاف 134 رنسن تائين محدود

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 135 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو.

شارجا ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏيندي ڪيوي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 134 رنسن تائين محدود رهي.

نيوزيلينڊ طرفان ڪونوي ۽ مچل 27-27 رنسن سان اڳڀرا رهيا،جڏهن ته ڪپتان ڪين وليمسن 25، مارٽن گپٽل 17، گلين فلپ 13 رنسون ٺاهيون.

پاڪستان طرفان حارث رئوف بهترين بالنگ ڪندي 4 اوورن ۾ 22 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون.

Read Previous

عدنان صديقي کي به مهانگائي جي ڳڻتي، غريبن جو خيال رکڻ جي درخواست

Read Next

ڪورونا: ملڪ ۾ هڪ سال کانپوءِ سڀ کان گهٽ فوتگيون رڪارڊ

Most Popular