ڪورونا: ملڪ ۾ هڪ سال کانپوءِ سڀ کان گهٽ فوتگيون رڪارڊ

ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران هلندڙ سال دوران هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان گهٽ فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ 42096 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 572 ۾ وائرس جي تصديق ٿي، ان حساب سان هاڪاري ڪيسن جي شرح 1.35 سيڪڙو رهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ رڳو 6 فوتگيون ٿيون، جيڪي هلندڙ سال هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان گهٽ فوتگيون آهن.

ان کان اڳ گذريل سال 26 آڪٽوبر تي ملڪ ۾ ڪورونا سبب سڀ کان گهٽ 6 فوتگيون رپورٽ ٿيون هيون.

انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا سان فوتين جو مجموعي انگ 28392 ۽ ڪيسن جو مجموعي انگ 12 لک 69806 ٿي ويو آهي، جن مان 12 لک 17218 صحتياب ٿي چڪا آهن.

Read Previous

ورلڊ ڪپ: نيوزيلينڊ پاڪستان خلاف 134 رنسن تائين محدود

Read Next

طالبان ۽ هٿياربندن ۾ جهڙپون، 17 ماڻهو مارجي ويا

Most Popular