طالبان ۽ هٿياربندن ۾ جهڙپون، 17 ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي صوبي هرات ۾ طالبان ۽ هٿياربند ماڻهن ۾ جهڙپن جي نتيجي ۾ 17 ماڻهو مارجي ويا آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب هرات جي اسپتال ۾ 17 ماڻهن جا لاش آندا ويا جن ۾ 7 ٻار، 3 عورتون ۽ 7 مرد شامل هئا. سڀني کي جسم ۾ گوليون لڳل هيون.

افغان اختيارين موجب طالبان هرات ۾ اغوا جي وارداتن ۾ ملوث مقامي ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا مارجي ويا آهن.

تنهن هوندي به هن وقت تائين اهو واضح نه ٿي سگهيو ته مارجي ويل ماڻهن ۾ ڪي ڏوهاري به شامل هئا ان حوالي سان طالبان ڪا به وضاحت نه ڏني.

Read Previous

ڪورونا: ملڪ ۾ هڪ سال کانپوءِ سڀ کان گهٽ فوتگيون رڪارڊ

Read Next

گورمنٽ پرائمري مين اردو اسڪول ريتي محلا ڀرياروڊ۾ جشن ميلا دالنبي محفل پروگرام منعقد ڪيو ويو

Most Popular