ناجائز نالائق به نڪتا، ڇوٽڪاري تائين جنگ جاري رهندي: فضل الرحمان

پي ڊي ايم صدر مولانا فضل الرحمان وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هن ملڪ کي جنهن حالت تي پهچائي ڇڏيو آهي، اتان کڻڻ ڪنهن لاءِ به هڪ چئلينج آهي.

ڊيرا غازي خان ۾ جلسي سان خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اڳ اهي ناجائز هئا پر ناجائز ٿيڻ انهن لاءِ ڪو عيب ناهي ۽ هاڻ نالائق به آهن، اهي نااهل به ثابت ٿيا آهن، اڄ اسان جو حڪمران جتي ويندو آهي ته پينو وانگر بيٺو هوندو آهي، منهنجو ناجائز حڪمران جنهن انداز ۾ دنيا جي حڪمرانن سان بيهندو آهي کيس لڄ به ناهي ٿيندي پر اسان جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويندو آهي.

هن چيو ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو آهي، منهنجي جنگ اها آهي ته جيڪڏهن حڪومت هوندي ته عوام جي ووٽ جي بنياد تي هوندي ۽ جيڪڏهن ووٽ چوري ڪري پنهنجي مرضي جا نتيجا آندا ويا ته اسان نڪرنداسين ۽ حڪمرانن کي چئلينج ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته اسان حڪومت جو مقابلو عوام ۾ ڪنداسين ۽ هاڻ چونڊون ٿينديون، اهي مڪاني نه پر عام چونڊون هونديون، پي ڊي ايم جي تحريڪ اڳتي وڌندي ۽ قوم گڏ هوندي، پي ڊي ايم شامل جماعتن کان وٺي ڪارڪن تائين عام ماڻهو سان گڏ بيٺي آهي ۽ اها جنگ جاري رهندي، حڪومت جي پڄاڻي تائين اها جنگ جاري رهندي.

Read Previous

وزيراعظم جي عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت

Read Next

”منهنجو پيارو ٻار ٻاهر اچي ويو، الله جو لک لک شڪر“

Most Popular