”منهنجو پيارو ٻار ٻاهر اچي ويو، الله جو لک لک شڪر“

منشيات ڪيس ۾ گرفتار آريان خان جي ضمانت منظور ٿيڻ تي پاڪستاني اداڪارا حرا ماني خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان جي ضمانت جي درخواست 28 آڪٽوبر تي ممبئي هاءِ ڪورٽ منظور ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ گذريل ڏينهن کيس جيل مان آزادي ملي، هو تقريبن هڪ مهينو جيل ۾ رهيو.

آريان جي آزادي تي اداڪارا حرا ماني، شاهه رخ خان ۽ سندس پٽ سان محبت جو اظهار ڪندي انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري پوسٽ ڪئي.

حرا پوسٽ ۾ مبارڪون ڏيندي لکيو ته ”منهنجو پيارو ٻار ٻاهر اچي ويو، الله جو لک لک شڪر آهي“.

اداڪارا جي ان پوسٽ تي ڪيترن ئي واهپيدارن تنقيد پڻ ڪئي، جن کي جواب ڏيندي حرا وڌيڪ لکيو ته زوردار تاڙيون، ڇو ته بادشاهه ٻاهر اچي ويو آهي، اسان ته مداح آهيون ۽ مرڻ گهڙي تائين رهنداسين.

Read Previous

ناجائز نالائق به نڪتا، ڇوٽڪاري تائين جنگ جاري رهندي: فضل الرحمان

Read Next

طالبان جو سپريم ليڊر پهريون ڀيرو منظر تي اچي ويو

Most Popular