طالبان جو سپريم ليڊر پهريون ڀيرو منظر تي اچي ويو

طالبان جو سپريم ليڊر هيبت الله اخوند زادا پهريون ڀيرو عوام سامهون اچي ويو.

طالبان اختيارين موجب هن آچر ڏينهن افغانستان جي ڏاکڻي شهر قنڌار ۾ پنهنجي حامين سان خطاب ڪيو.

هيبت الله اخوند زادا 2016 کان طالبان تحريڪ جو سربراهه آهي پر آگسٽ ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ هو منظر تي نه آيو هو.

نئين طالبان حڪومت ۾ ان جي ڪردار ۽ لاڏاڻي جا افواهه پڻ وقفي وقفي سان گردش ڪندا رهيا.

طالبان جو چوڻ آهي ته هيبت الله اخوند زادا دارالعلوم حڪيمه ۾ سپاهين ۽ شاگردن سان تقرير ڪئي.

Read Previous

”منهنجو پيارو ٻار ٻاهر اچي ويو، الله جو لک لک شڪر“

Read Next

ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت کي لڳاتار ٻي شڪست، ايندڙ مرحلي ۾ پهچڻ ڏکيو

Most Popular