ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت کي لڳاتار ٻي شڪست، ايندڙ مرحلي ۾ پهچڻ ڏکيو

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ 2 جي اهم ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم ڀارت کي 8 وڪيٽن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ ڀارت جو ايندڙ مرحلي ۾ وڃڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.

دبئي ۾ ڪيوي ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽي پهريان ڀارت کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ ڀارتي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 110 رنسون ٺاهي سگهي.

ڀارت طرفان رويندرا جديجا 26، هرديڪ پانڊيا 23، راهول 18، روهت شرما 14، رشاڀ پنت 12، ڪپتان ويرات ڪوهلي 9 رنسون ٺاهيون.

نيوزيلينڊ طرفان بولٽ بهترين بالنگ ڪرائيندي 3 وڪيٽون ورتيون، اش سوڌي 2، سائوٿي ۽ ملني هڪ – هڪ شڪار ڪيو.

جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم گهربل هدف 14.3 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

Read Previous

طالبان جو سپريم ليڊر پهريون ڀيرو منظر تي اچي ويو

Read Next

آريان خان تقريبن هڪ مهيني کانپوءِ جيل مان آزاد

Most Popular