آريان خان تقريبن هڪ مهيني کانپوءِ جيل مان آزاد

منشيات ڪيس ۾ گرفتار بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جو پٽ آريان تقريبن هڪ مهيني تائين حراست ۾ رهڻ کانپوءِ جيل مان آزاد ٿي ويو.

ٻه ڏينهن اڳ ممبئي هاءِ ڪورٽ آريان خان جي ضمانت منظور ڪئي هئي پر ضمانت جي طريقي ڪار ۾ دير سبب آريان کي وڌيڪ وقت جيل ۾ رهڻو پيو.

ڀارتي ميڊيا موجب عدالت مان جاري آزادي جي حڪمن جي ڪاپي مقرر وقت تي جيل پهچائڻي هئي پر ائين نه ٿيڻ سبب سندس آزادي عمل ۾ نه اچي سگهي، پوءِ قانوني تقاضا پورا ٿيڻ تي آريان کي ممبئي جي آرٿر روڊ جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي.

Read Previous

ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت کي لڳاتار ٻي شڪست، ايندڙ مرحلي ۾ پهچڻ ڏکيو

Read Next

نيب جو ٽيون ترميمي آرڊيننس جاري، آصف زرداري، مريم نواز، شهباز شريف کي رليف نه ملندو

Most Popular