نيب جو ٽيون ترميمي آرڊيننس جاري، آصف زرداري، مريم نواز، شهباز شريف کي رليف نه ملندو

قومي احتساب بيورو (نيب) جو ٽيون ترميمي آرڊيننس 2021 جاري ٿي ويو.

نيب ترميمي آرڊيننس تحت دوکي بازي ۽ فراڊ جا ڪيس واپس نيب حوالي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مضاربه ڪيس به واپس نيب کي ڏنا ويا آهن.

نيب آرڊيننس مان آصف زرداري، شاهد خاقان عباسي، مريم نواز ۽ شهباز شريف کي ڪو رليف نه ملندو ۽ ان کان قائم سمورا مني لانڊرنگ جا ڪيس ائين ئي هلندا.

آرڊيننس 6 آڪٽوبر کان لاڳو ٿيندو ۽ 6 آڪٽوبر کان اڳ جي فراڊ جا سمورا ڪيس نيب ٻڌي سگهندو، جعلي اڪائونٽس جا پراڻا ڪيس آرڊيننس تحت جاري رهي سگهندا.

آرڊيننس تحت نيب چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ جو اختيار سپريم جڊيشل ڪائونسل کان واپس ورتو ويو آهي، نيب چيئرمين جي ملازمت جو مدو 4 سال هوندو ۽ نيب چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ جو اختيار صدر کي هوندو.

آرڊيننس موجب نيب چيئرمين کي هٽائڻ لاءِ اهو ئي بنياد هوندو، جيڪو سپريم ڪورٽ جي جج لاءِ هوندو آهي.

ٽئين نيب ترميمي آرڊيننس تحت ضمانت جو پئسو مقرر ڪرڻ جو اختيار به نيب عدالت کي ڏنو ويو آهي.

6 آڪٽوبر کان نيب آرڊيننس جاري ٿيڻ سان نيب قانونن ۾ مونجهارا سامهون آيا هئا ۽ آرڊيننس ۾ ڏوهه جي ماليت جي برابر مچلڪا جمع ڪرائڻ جو شرط رکيو ويو هو، جڏهن ته نيب آرڊيننس تحت نيب چيئرمين کي هٽائڻ جو اختيار سپريم جڊيشل ڪائونسل کي ڏنو ويو هو، جنهن کانپوءِ قانون واري وزارت نيب آرڊيننس جي وضاحت لاءِ ڪميٽي جوڙي هئي.

Read Previous

آريان خان تقريبن هڪ مهيني کانپوءِ جيل مان آزاد

Read Next

سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ صاحب خان لُنڊ جي رھواسڻ بيوه مسمات شھزادي لُنڊ پنھنجي ٻن معصوم نياڻين ۽ مسمات راڻي لُنڊ سان گڏ سڪرنڊ ۾ احتجاج ڪندي

Most Popular