سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ صاحب خان لُنڊ جي رھواسڻ بيوه مسمات شھزادي لُنڊ پنھنجي ٻن معصوم نياڻين ۽ مسمات راڻي لُنڊ سان گڏ سڪرنڊ ۾ احتجاج ڪندي

سڪرنڊ ( رپورٽ غلام نبي ملاح): سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ صاحب خان لُنڊ جي رھواسڻ بيوه مسمات شھزادي لُنڊ پنھنجي ٻن معصوم نياڻين ۽ مسمات راڻي لُنڊ سان گڏ سڪرنڊ ۾ احتجاج ڪندي چيو ته سڪرنڊ ٿاڻي جو جمعدار ياسين لنڊ پنھنجن ڀائرن ۽ ڀائٽين سان گڏجي اسان جي گھر تي زبردستي قبضو ڪيو آھي ، گھر ۾ پيل سامان پڻ قبضي ۾ ڪري ڇڏيو آھي ۽ پوليس جي آڙ ۾ اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سان گڏ اگرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿو ۔ هنن چيو ته اسان اھڙي درخواست ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد کي پڻ ڏني آھي پر ان باوجود اسان سان انصاف نٿو ٿئي ھنن چيو ته مذڪوره جمعدار ياسين لنڊ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي ٿو ۽ ھن اسان مٿان فائرنگ پڻ ڪئي آهي ۔ اسان وسوارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي مدد ڪئي وڃي ۽ پوليس جمعدار ياسين لنڊ ، ان جي ڀائرن ۽ ڀائٽين خلاف قانوني قدم کنيو وڃي ۽ اسان کي تحفظ ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي۔

Read Previous

نيب جو ٽيون ترميمي آرڊيننس جاري، آصف زرداري، مريم نواز، شهباز شريف کي رليف نه ملندو

Read Next

”حالت اها آهي ته اسان هاڻ گٽر به نٿا ٺاهي سگهون، ملڪ کي الائي ڪٿي پهچايو ويو آهي“

Most Popular