تحريڪ لبيڪ سان گڏ ڪالعدم جو لفظ هٽائڻ جي سمري پنجاب جي وڏي وزير کي موڪلي وئي

ٽي ايل پي سان گڏ ڪالعدم جو لفظ هٽائڻ جي سمري پنجاب جي وڏي وزير کي موڪلي وئي آهي.

حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۾ ٿيل معاهدي جي روشني ۾ پنجاب جي گهرو کاتي ٽي ايل پي سان گڏ ڪالعدم جو لفظ هٽائڻ جي سمري پنجاب جي وڏي وزير کي موڪلي ڇڏي آهي.

پنجاب جي گهرو کاتي طرفان موڪليل سمري ۾ ٽي ايل پي سان گڏ ڪالعدم جو لفظ هٽائڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته امن امان بابت ذيلي ڪيبينيٽ ڪميٽي ٽي ايل پي سان گڏ ڪالعدم جو لفظ هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

گهرو کاتي موجب عثمان بوزدار ۽ صوبائي ڪابينا مان منظوري کانپوءِ وفاق کي تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان گڏ ڪالعدم جو لفظ هٽائڻ جي سفارش ڪئي ويندي.

Read Previous

پاڪستاني فلمون ۽ ڊراما عالمي معيار جا ناهن: مهوش حيات

Read Next

اڳوڻي چيف جسٽس جي گاڏي جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر، ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست

Most Popular