ٽيڪس وٺڻ حڪومت جو حق آهي، وساري ڇڏيو ته ٽيڪس ناهي ڏيڻو: شوڪت ترين

ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته ايندڙ ٻن سالن ۾ رڳو ٻه ٽيڪس انڪم ٽيڪس ۽ جي ايس ٽي لاڳو هوندا، باقي سڀ ٽيڪس ختم ڪيا ويندا.

اسلام آباد ۾ تقريب سان خطاب ڪندي شوڪت ترين چيو ته ملڪي آبادي جو 60 سيڪڙو 30 سالن کان گهٽ عمر جو آهي، انساني وسيلن تي سيڙپڪاري سان ترقي ٿيندي، ڪامياب جوان پروگرام جو بنياد ننڍي قرض تي رکيو ويو آهي.

هن چيو ته اسان کي ماڻهن جي آمدني بابت سڄي ڄاڻ ملي چڪي آهي، ايف بي آر ۽ نادرا جي ڊيٽا هڪ ٿي وئي، حڪومت آرٽيفيشل انٽيليجنس جو استعمال ڪري ڊيٽا گڏ ڪئي، ايندڙ ٻن سالن ۾ رڳو ٻه ٽيڪس انڪم ٽيڪس ۽ جي ايس ٽي لاڳو هوندا، باقي سڀني ٽيڪسن جو خاتمو ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته ٽيڪس وٺڻ حڪومت جو حق آهي، ٽيڪس بابت ايف بي آر جي مداخلت ختم ڪري ڇڏي، 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان چوٿين وڏي معاشي طاقت هو، اسان کي معاشي طاقت واپس آڻڻي آهي ۽ عالمي ادارن تي ناهي ڀاڙڻو.

شوڪت ترين چيو ته اسان ٽيڪس بنا ترقي نٿا ڪري سگهون، ٽيڪس ڏيندڙن کي ڪو هراسان نه ڪندو پر ٽيڪس سڀني کي ڏيڻو پوندو، اهو وساري ڇڏيو ته ٽيڪس ناهي ڏيڻو.

Read Previous

جماعت اسلامي جو پينڊورا پيپرز تي سپريم ڪورٽ سان رابطو

Read Next

تحريڪ لبيڪ پاڪستان وزيرآباد ۾ ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو

Most Popular