تحريڪ لبيڪ پاڪستان وزيرآباد ۾ ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو

تحريڪ لبيڪ پاڪستان وزيرآباد ۾ 11 ڏينهن کان جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

تحريڪ لبيڪ پاڪستان جا ڪارڪن گذريل 11 ڏينهن کان وزيرآباد ۾ الله والا چوڪ ڀرسان پارڪ ۾ خيما هڻي ويٺل هئا پر حڪومت سان معاهدي جي روشني ۾ ٽي ايل پي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پير سيد سردار شاهه وزيرآباد ۾ جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ڪارڪن واپس مسجد رحمت اللعالمين ويندا.

واضح رهي ته گذريل رات گهرو وزارت تحريڪ لبيڪ پاڪستان تان پابندي ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جنهن کانپوءِ هاڻ ٽي ايل پي پنهنجون سياسي سرگرميون جاري رکي سگهندي، جڏهن ته ٽي ايل پي سربراهه سعد رضوي هاڻ به سرڪاري تحويل ۾ آهي.

Read Previous

ٽيڪس وٺڻ حڪومت جو حق آهي، وساري ڇڏيو ته ٽيڪس ناهي ڏيڻو: شوڪت ترين

Read Next

شهيد ناظم جوکيو ڪيس: پ پ ايم پي اي ڄام اويس جي جسماني رمانڊ ۾ 3 ڏينهن واڌ

Most Popular