شهيد ناظم جوکيو ڪيس: پ پ ايم پي اي ڄام اويس جي جسماني رمانڊ ۾ 3 ڏينهن واڌ

ڪراچي جي مقامي عدالت ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پ پ ايم پي اي ڄام اويس جي جسماني رمانڊ ۾ 3 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

پرڏيهين کي شڪار کان روڪڻ تي نوجوان ناظم جوکئي کي قتل ڪرڻ جي ڪيس ۾ پوليس گرفتار جوابدار ڄام اويس سميت ٻين کي رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي انتهائي سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو.

ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر چيو ته ڪيس ۾ ٻه جوابدار مفرور آهن ۽ حراست هيٺ جوابدارن کان مفرور جوابدارن بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي.

پوءِ عدالت ايم پي اي ڄام اويس سميت 3 جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾ 3 ڏينهن جي واڌ ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

Read Previous

تحريڪ لبيڪ پاڪستان وزيرآباد ۾ ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو

Read Next

بلڊ پريشر کي ڪيئن ڪنٽرول ڪجي؟

Most Popular