پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ بنگلاديشي اسڪواڊ جو اعلان، 3 اهم رانديگر آئوٽ

پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ بنگلاديشي اسڪواڊ جو اعلان ٿي ويو.

بنگلاديش ڪرڪيٽ موجب محمود الله ٽيم جي اڳواڻي ڪندو، تميم اقبال ۽ شڪيب الحسن فٽنيس مسئلن سبب ٽيم جو حصو ناهن، جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر مشفق الرحيم به جاءِ ناهي ٺاهي سگهيو.

پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز 19 نومبر کان شروع ٿيندي، جنهن لاءِ بنگلاديشي اسڪواڊ ۾ محمود الله (ڪپتان)، محمد نعيم، سيف حسين، ياسر علي ربي، نور الحسن (وڪيٽ ڪيپر)، عفيف حسين، مهدي حسن، تسڪين احمد، مستفيض الرحمان، شريف الاسلام، نسم احمد، امين الاسلام، محمد شاهد الاسلام ۽ اڪبر علي شامل آهن.

Read Previous

تائيوان جي آزادي پسندن کي ڌمڪي، آمريڪا باهه سان نه کيڏي: چين

Read Next

ماءُ سان سنبل بڻجي ڳالهائيندي آهيان، لاڏاڻي جو اڃا ناهي ٻڌايو

Most Popular