نيب پاڪستان جو ڪرپٽ ترين ادارو آهي: شاهد خاقان عباسي

ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نيب لوٽا ٺاهڻ ۽ وفاداريون تبديل ڪرڻ جو اوزار بڻجي چڪو آهي، لوٽن، منافقن ۽ وفاداريون کپائيندڙن سان قومون ناهن ٺهنديون.

لاهور ۾ عاصمه جهانگير ڪانفرنس سان خطاب ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته سياسي قيادت بنا ملڪ اڳتي نه وڌندو، نيب هن وقت پاڪستان جو ڪرپٽ ترين ادارو آهي، جيڪو ماڻهن جي ضمير خريد ڪرڻ، کين بليڪ ميل ڪرڻ ۽ حڪومت جا سياسي مقصد حاصل ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو.

هن چيو ته سياستدانن جو احتساب ٽيڪس جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، ڪو 50 ڪروڙ رپين جي گهر ۽ 6 ڪروڙ رپين جي گاڏي رکي ٿو ته ان کان پڇو ٽيڪس گهڻو ڏنو اٿائين، اسان ترميمون ڏنيون ته جج ٺاهڻ کان اڳ ان وڪيل جي 10 سالن جي ٽيڪس ريٽرن ڏسو.

سندس چوڻ هو ته نيب جي انتقام جو نشانو رڳو سياستدان بڻيا، نيب چيئرمين ٻڌائي ته ڪهڙي سياستدان کان ڪيتري رقم برآمد ڪئي وئي ۽ ڪهڙي سياستدان کي سزا ٿي؟

شاهد خاقان عباسي چيو ته نواز شريف کي جن ڪيسن ۾ سزا ٿي، اهو سڀني جي سامهون آهي، نيب جي جاچ ۽ عدالتن ۾ ٻڌڻي دوران ڪئميرائون لڳائڻ گهرجن ته جيئن ماڻهن کي حقيقتن جي خبر پئجي سگهي.

Read Previous

”سياسي اشرافيا جي مدد سان سرڪاري زمين تي قابض لينڊ مافيا خلاف ايڪشن وٺنداسين“

Read Next

پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جو 25 نومبر کان سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان

Most Popular