آمريڪي روڊ تي ڊالرن جو مِينهن وسي پيو

آمريڪي رياست ڪيلي فورنيا جي هاءِ وي تي ڊالرن سان ڀريل ٽرڪ جو حادثاتي طور دروازو کُلي پيو جنهن سان روڊ تي ڊالرن جو مِينهن وسي پيو.

خابرو اداري موجب آمريڪا ۾ سين تياگو جي انٽر اسٽيٽ 5 شاهراهه تي ٽرڪ جو دروازو اوچتو کُلڻ سان هر پاسي نوٽ ئي نوٽ ڦهلجي ويا.

روڊ تي پنهنجي سفر تي ويندڙ ماڻهن به موقعي جو وڏو فائدو ورتو ۽ گاڏيو بيهاري ڊالر لُٽڻ لڳا جنهن سان ماڻهن جا هجوم لڳي ويا ۽ روڊ بلاڪ ٿي ويو.

پوليس ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ انهن کان لٽيل ڊالر واپس ورتا ويا آهن.

Read Previous

هزارين ٽن ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪندڙ عمارتون

Read Next

پاڪستاني موبائل واهپيدارن لاءِ خوشخبري، پي ٽي اي وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular