سام سنگ جو نئون ”گيليڪسي اي 03“ سمارٽ فون

سام سنگ آگسٽ ۾ گيليڪسي اي 03 ايس متعارف ڪرايا هئا جڏهن ته نومبر جي شروعات ۾ اي 03 ڪور کي پيش ڪيو ويو هو.

۽ هاڻ وري ڪمپني گيليڪسي اي 03 کي متعارف ڪرايو آهي جيڪو گيليڪسي اي 02 جو اپ ڊيٽ ورجن آهي.

گيليڪسي اي 03 ۾ 6.5 انچن جي ايڇ ڊي پلس ڊسپلي ڏني وئي آهي.

اسڪرين ۾ واٽر ڊراپ نوچ ۾ 5 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا لڪيل آهي.

فون جي بيڪ تي ڊوئل ڪيمرا سيٽ اپ آهي جنهن جي مين ڪيمرا 48 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ سينسر موجود آهي.

ان لحاظ سان اهو ڪيمرا سيٽ اپ گيليڪسي اي 02 کان بهتر آهي جنهن ۾ مين ڪيمرا 13 ميگا پڪسل جي هئي.

فون جي اندر اوڪٽا ڪور پراسيسر موجود آهي جنهن جو نالو ڪمپني ناهي ٻڌايو.

اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم کي ون يو آءِ سان ليس ڪيو ويو آهي.

اهڙيءَ طرح 3 کان 4 جي بي ريم ۽ 32، 64، 128 جي بي اسٽوريج جا آپشن ان فون ۾ موجود هوندا جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ اضافو ڪري سگھجي ٿو.

فون ۾ 5000 ايم اي ايڇ جي طاقتوري بيٽري ڏني وئي آهي.

ڪمپني في الحال ان فون جي قيمت ۽ دستيابي بابت ڪجهه ناهي ٻڌايو.

پر اها فون گيليڪسي اي 03 ايس کان مهانگي هوندي جنهن جي قيمت 21 هزار 200 رپين کان شروع ٿئي ٿي.

Read Previous

بلدياتي ادارن جي سوين ملازمن پاران پگهارون آن لائن نه ملڻ خلاف ميونسپل ڪميٽي سانگهڙ کان پريس ڪلب سانگهڙ تائين احتجاجي مظاهرو

Read Next

پاڪستان پهرين ٽيسٽ ۾ بنگلاديش کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

Most Popular