پاڪستان پهرين ٽيسٽ ۾ بنگلاديش کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

پاڪستان بنگلاديش کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٻن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.

ميچ جي آخري ڏينهن پاڪستان بنا ڪنهن نقصان جي 109 رنسن کان ٻي اننگز شروع ڪئي ته اوپنرن ذميواراڻي راند جو سلسلو جاري رکيو.

151 جي مجموعي اسڪور تي عبدالله شفيق جي اننگز پڄاڻي تي پهتي، جنهن 73 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته عابد علي نروس نائٽيز جو شڪار ٿيو ۽ 91 رنسن جي اننگز کيڏي پويلين موٽي ويو.

ان کان پوءِ ڪپتان بابر اعظم ۽ اظهر علي وڌيڪ ڪا وڪيٽ ڪرڻ نه ڏني ۽ ٽيم کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي، ٻئي ترتيب وار 24 ۽ 13 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.

واضح رهي ته بنگلاديش جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 330 ۽ ٻي اننگز ۾ 157 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته پاڪستان پهرين اننگز ۾ 286 رنسون ٺاهيون هيون ۽ قومي ٽيم کي ڪاميابي لاءِ 202 رنسن جو هدف مليو هو.

ميچ جو بهترين رانديگر عابد علي کي قرار ڏنو ويو، جنهن پهرين اننگز ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪئي هئي.

Read Previous

سام سنگ جو نئون ”گيليڪسي اي 03“ سمارٽ فون

Read Next

حلفي بيان شايع ڪرڻ لاءِ نه ڏنو هو، خبر ناهي ڪيئن ليڪ ٿيو: راڻا شميم

Most Popular