”لعنت هي“، سلمان خان شميتا شيٽي تي تپي باهه

سلمان خان ريئلٽي شو بگ باس ۾ اداڪارا شميتا شيٽي تي وسي پيو ۽ کيس ڇنڊ پٽي.

گذريل هفتي جي پڄاڻي تي نشر ٿيندڙ قسط ۾ باليووڊ اداڪارا روينا ٽنڊن مهمان طور شرڪت ڪئي جنهن گهروارن کي ٽاسڪ ڏنو ته پنهنجي حساب سان گهر ۾ موجود سڀ کان وڌيڪ گناهگار ماڻهو جو نالو ٻڌايو.

ٽاسڪ پرفارم ڪندي ٽيلي ويزن اداڪارا رشمي ديسائي مراٺي فلمن جي اداڪار ۽ گهر ۾ وائلڊ ڪارڊ طور تي انٽري ڏيندڙ اڀيجيت بيچوڪلي جو نالو ورتو ۽ چيو ته هن شميتا کي پير جي جُتي چيو هو جيڪو مونکي سُٺو نه لڳو.

رشمي جي ڳالهه تي شميتا حيراني جو اظهار ڪندي چيو ته هن مونکي پير جي جُتي چيو؟ ان سان گڏ شميتا سلمان خان چيو ته اڀيجيت مونکي گارگند به ڪئي هئي، ڪير آهي هي ماڻهو، جنهن تي سلمان خان ان جي تصديق ڪئي ته اڀيجيت اهڙو ڪجهه نه چيو هو.

شميتا پنهنجي ڳالهه تي قائم رهي ۽ چيو ته هي ماڻهو هتي آهي ڇاجي لاءِ؟

اداڪارا جي ان ڳالهه سلمان خان کي تپائي ڇڏيو ۽ اداڪار چيو ته جيڪڏهن هن توهان کي اهڙو ڪجهه چيو ته ڇا توهان اهڙي ٿي ويندئو؟

Read Previous

سيالڪوٽ واقعو: سنٿ جئي سوريا کي عمران خان مان اميدون

Read Next

دل کي صحتمند رکڻ لاءِ ماهرن جو زبردست مشورو

Most Popular