گجرانوالا ۾ 7 سالن جي معصوم ٻارڙي سان زيادتي جو واقعو

گجرانوالا جي هڪ فيڪٽري ۾ 7 سالن جي ٻارڙي سان زيادتي جو واقعو پيش آيو.

سي پي او گجرانوالا موجب فيڪٽري ۾ 7 سالن جي ٻارڙي سان زيادتي جو واقعو ٿيڙي سانسي ويجهو پيش آيو آهي، متاثر ٻارڙي جا والدين فيڪٽري جي ڪوارٽرز ۾ رهائش پذير آهن.

پوليس موجب حمزا نالي جوابدار فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو هو، ٻارڙي واش روم وئي ته جوابدار زبردستي ساڻس زيادتي ڪئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان گرفتار ڪري ورتو آهي.

ان سان گڏ پوليس ٻڌايو ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو اهي، جڏهن ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ ٻارڙي سان زيادتي جي تصديق ٿي آهي ۽ جاچ دوران جوابدار ڏوهه جو اعتراف به ڪيو آهي.

Read Previous

دهشتگرد کي به عدالتي ڪارروائي بنا نٿو ماري سگهجي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

Read Next

عوام وٽ بل جمع ڪرائڻ ۽ ٻارن جون فيسون ڏيڻ لاءِ به پيسا نه آهن: مريم اورنگزيب

Most Popular