دهشتگرد کي به عدالتي ڪارروائي بنا نٿو ماري سگهجي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن لاءِ ڪميشن جي موجودگي ئي آئين جي آرٽيڪل 16 جي ڀڃڪڙي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صحافي ۽ بلاگر مدثر نارو جي آزادي لاءِ درخواست تي ٻڌڻي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ ٿي.

اٽارني جنرل خالد جاويد خان عدالت کي ٻڌايو ته مدثر نارو جي فيملي جي وزيراعظم سان ملاقات ڪرائي وئي، وزيراعظم خاص هدايتون جاري ڪيون آهن، حڪومت ان معاملي کي سنجيده وٺي رهي آهي، عدالت کي اپيل آهي ته ڪجهه وقت ڏنو وڃي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدالت جو ڪم ناهي ماڻهن کي ڳولي، نه ڳولي سگهي ٿي، رياست جي خواهش ئي ناهي، جبري گمشدگين جي ڪميشن به آئين جي خلاف ٺهي آهي، رڳو فيمليز ان ڪميشن ۾ وينديون آهن، جن کي تاريخ ڏني ويندي آهي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته انساني حقن جي وزير چيو قانون ٺاهي رهيا آهيون، قانون جي ته ضرورت ئي ناهي، هزارين فيمليون آهن، جن کي رياست سنڀالي ئي نه پئي، رياست اندر رياست نٿي ٿي سگهي، اڄ تائين ڪنهن کي ٽريس نه ڪيو ويو، اهو ته سڌو آرٽيڪل 6 جو ڏوهه آهي.

چيف جسٽس چيو جبري گمشدگيون آئين جي خلاف آهن ته دهشتگرد کي به عدالت کان مٿانهون ٿي نٿو ماري سگهجي، ائين نٿو ٿي سگهي ته ڪنهن به ڊپارٽمينٽ وارو ڪنهن کي کڻي وڃي، ماڻهو چئن چئن سالن کان جبري گمشدگين جي ڪميشن وٽ وڃي رهيا آهن، جبري گمشدگين جي ڪميشن پنهنجو ڪم نه ڪيو.

اٽارني جنرل چيو الميو اهو آهي ته اسان کي جاگرافيائي حالتن، قومي سلامتي جو معاملو به ڏسڻو آهي، جنهن تي عدالت چيو سڀاڻي هڪ ايس ايڇ او چوندو فلاڻو شخص ان خلاف ڳالهائي رهيو هو ته ان کي کڻو.

چيف جسٽس اطهر من الله چيو عدالت چئي سگهي ٿي ته شهري جنهن دور ۾ گم ٿيا، ان وقت جي چيف ايگزيڪيوٽو خلاف آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي ڪيو.

عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 18 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

پهرين ٽي ٽوئنٽي: ويسٽ انڊيز جو پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو

Read Next

گجرانوالا ۾ 7 سالن جي معصوم ٻارڙي سان زيادتي جو واقعو

Most Popular