مني بجيٽ آرڊيننس ذريعي آڻڻ جو فيصلو

حڪومت مني بجيٽ پارليامينٽ بدران آرڊيننس ذريعي آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب مني بجيٽ جي پارليامينٽ مان منظوري گهڻو وقت وٺي سگهي ٿي، آءِ ايم ايف جي شرطن تي 360 اربن کان وڌيڪ جي مني بجيٽ چئلينج آهي ۽ ان حوالي سان حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ ايم ايف سان ڳالهين جو فيصلو ڪيو آهي.

آءِ ايم ايف مني بجيٽ پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ تي ضد ڪري رهيو آهي ۽  12 جنوري تائين مني بجيٽ تي عملدرآمد جا شرط لاڳو ڪيا آهن.

آءِ ايم ايف گذريل مهيني جا ڳالهين ۾ آرڊيننس رد ڪري ڇڏيو هو، حڪومت آرڊيننس ذريعي جي ايس ٽي وٽ واپس وٺڻ جي تجويز ڏيندي، تجويز تي راضپي جي صورت ۾ فنانس بل 2022 جو حصو بڻايو ويندو.

Read Previous

شيخ رشيد پنهنجي بيماري بابت ٻڌائي ڇڏيو

Read Next

ٿورو پاڻ سنڀاليون ته وري ڊالر مٿي چڙهي ويندو آهي: وزيراعظم مجبوري ٻڌائي ڇڏي

Most Popular