ٿورو پاڻ سنڀاليون ته وري ڊالر مٿي چڙهي ويندو آهي: وزيراعظم مجبوري ٻڌائي ڇڏي

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرپشن سبب ملڪي ناڻو ٻاهر منتقل ٿي رهيو آهي.

وزيراعظم عمران خان لاهور ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون ٽيڪنا پوليس جو افتتاح ڪيو، تقريب سان خطاب ڪندي هن چيو ته وڏي وزير ۽ هائير ايجوڪيشن جي وزير کي منصوبي تي مبارڪون ڏيان ٿو، ٽيڪ ڪمپنيون دنيا جو مستقبل آهن، اسان جي 22 ڪروڙ آبادي ۾ 60 سيڪڙو نوجوان آهن ۽ آءِ ٽي جون برآمدون 2 ارب ڊالر آهن.

هن چيو ته آءِ ٽي جي انقلاب سان اسان تيزيءَ سان اڳتي وڌي سگهون ٿا، ڪاروبار ۾ سولائي لاءِ رنڊڪون ختم ڪيون پيون وڃن، برآمدن ۾ واڌ کانسواءِ ملڪ خوشحال نه ٿيندو، مهانگي درآمدي شين سبب ملڪ ۾ مهانگائي آهي.

سندس چوڻ هو ته ڊالر مٿي چڙهڻ سان قرض وڌي ويندو آهي ۽ حڪومت کي ادائيگي ڪرڻي هوندي آهي، اسان ٿورو معاشي طور پاڻ سنڀاليون ٿا ته ڊالر مٿي چڙهي ٿو وڃي، جنهن سبب آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو آهي.

وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ برآمدن تي ڌيان نه ڏنو ويو، روزگار جي فراهمي ۽ برآمدن ۾ واڌ ٻه وڏا مسئلا آهن، چين 40 سالن ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو ۽ رٿابندي سان ڪرپشن تي ضابطو آندو، ڪرپشن سبب ملڪي ناڻو ٻاهر منتقل ٿي رهيو آهي، ڪرپشن سبب ملڪ جي پاڙُن کي نقصان پهچندو ۽ معاشي ڪمزوريون پيدا ٿينديون آهن.

Read Previous

مني بجيٽ آرڊيننس ذريعي آڻڻ جو فيصلو

Read Next

حڪمرانن جي ڳچي پڪڙڻ جو وقت اچي ويو آهي: شهباز شريف عوام کي تيار ڪري ڇڏيو

Most Popular