ڀاءُ ڪارنهن الزام هيٺ ٻن ڀينرن کي قتل ڪري ڇڏيو

پنجاب جي علائقي شيخوپورا ۾ جوابدار ڪارنهن جي الزام هيٺ ٻن ڀينرن کي قتل ڪري ڇڏيو.

جي ٽي روڊ ڀرسان هڪ گهر  ۾ جوابدار ٻن نوجوان ڀينرن کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع ملڻ بعد پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتي ضروري ڪارروائي ڪرڻ کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته گهر ۾ ماءُ ۽  پيءُ موجود نه هئا، ڀينرون ۽ انهن جو ڀاءُ عمير گهر ۾ اڪيلا هئا، جنهن دوران جوابدار 25 ورهين جي سحرش ۽ 23 ورهين جي نيلم کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار عمير ٻنهي ڀينرن کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي، جنهن جي ڳولا جاري آهي، مليل ڄاڻ موجب جوابدار ٻنهي ڀينرن جي ڪردار تي شڪ ڪندو هو ۽ کين طعنا پڻ ڏيندو رهندو هو.

Read Previous

تحريڪ انصاف حڪومت ۾ ڏڦيڙ،حماد اظهر کي هٽائڻ جو مطالبو

Read Next

پيغمبر اسلام جي توهين اظهار جي آزادي ناهي: روسي صدر

Most Popular