حريم کي ڪجهه ٻڌائڻ جي ضرورت نه آهي، هو هميشه منهنجي عزت ڪندي آهي: بلال شاهه

ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه پهريون ڀيرو پنهنجي مڙس بلال شاهه سان گڏ انٽرويو ڏنو جنهن ۾ هن پنهنجي شادي بابت ڪجهه ڳالهيون ڪيون.
نجي ويب سائٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ بلال شاهه ٻڌايو ته منهنجي شادي نه صرف محبت جي شادي هئي پر ان ۾ والدين جي رضامندي به شامل هئي. بلال شاهه سان شادي ڪرڻ واري فيصلي تي حريم شاهه چيو ته شادي کان اڳ اسان ٻنهي جي ڪابه ملاقات نه ٿي هئي ۽ نه ئي وري اسان جو فون تي رابطو ٿيو هو، هڪ ٻئي سان ملاقات جي ڪجهه وقت کان پوءِ اسان کي احساس ٿيو ته هاڻ اسان کي شادي ڪرڻ گهرجي.
حريم شاهه چيو ته منهنجا گهر ڀاتي هن رشتي مان ڪافي خوش هئا، مون گهر ڀاتين جي ڪري کيس قبول ڪيو ۽ هاڻ هن سان محبت به ٿي وئي آهي. ٽڪ ٽاڪر پنهنجي مڙس جون خوبيون ٻڌائيندي چيو ته هي تمام گهڻو شريف، معصوم ۽ سنجيده انسان آهي هي پنهنجي ڪم سان ڪم رکندو آهي ۽ فضول نٿو ڳالهائي. حريم شاهه کان سوال ڪيو ويو ته اوهان جا ماضي ۾ اسڪينڊل ٺهيا ته ڇا هاڻ شادي کان پوءِ اهو سلسلو رڪجي ويندو يا جاري رهندو؟ ان تي ٽڪ ٽاڪر چيو ته اهو جاري رهندو.
ٻئي طرف بلال شاهه کان جڏهن پڇيو ويو ته ڇا اوهان ان جي اجازت ڏيندا ته هن جواب ڏنو ته منهنجي طرفان هن کي هر شيءَ جي اجازت آهي. حريم کي ڪجهه ٻڌائڻ جي ضرورت نه آهي ته هاڻ شادي ٿي وئي آهي اوهان کي عزت رکڻي هي پاڻ اسان جي عزت ڪندي آهي. بلال شاهه چيو ته حريم ڪڏهن به اهڙو ڪم ناهي ڪيو جنهن سان منهنجي بيعزتي ٿئي يا مون کي شرمندگي کي منهن ڏيڻو پوي. شادي کان وٺي اڄ تائين هن منهنجون نظرون هيٺ ٿيڻ ناهن ڏنيون.
حريم شاهه کان هڪ سوال اهو به ڪيو ويو ته اوهان شادي کان پوءِ دعويٰ ڪئي هئي ته منهنجي شادي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سان ٿي آهي ۽ اهو هڪ سياستدان آهي؟ سوال جي جواب ۾ ٽڪ ٽاڪر چيو ته بلال جو سياست سان گهرو تعلق آهي، ان وقت مون ماڻهن کي خوش ڪرڻ ۽ ميلو لڳائڻ جي لاءِ چيو هو ته منهنجو مڙس سنڌ اسيمبلي جو ميمبر آهي.

Read Previous

شهيد بينظير ڀٽو مثالي عالمي اڳواڻ هئي، هن جمهوريت لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي: بلاول ڀٽو

Read Next

دل جي مرضن جا ڪارڻ سمجهڻ ۾ اهم اڳڀرائي

Most Popular