غريب ماڻهو لاءِ بنيادي شين جي خريداري ڏاڍي ڏکي ٿي چڪي آهي: جهانگير ترين

تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته غريب ماڻهو لاءِ بنيادي شين جي خريداري ڏاڍي ڏکي ٿي وئي آهي.

جهانگير ترين ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي ميمبر عالمگير خان سان ملاقات ڪري پيءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته مان عالمگير سان تعزيت جو اظهار ڪرڻ آيو هيس.

هڪ صحافي جهانگير ترين کان سوال ڪيو ته وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان خطي جو سستو ترين ملڪ آهي، ان بابت توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟

جهانگير ترين جواب ڏنو ته غريب ماڻهو لاءِ بنيادي شين جي خريداري ڏاڍي ڏکي ٿي وئي آهي، عام ماڻهو کي اهو فرق نٿو پئي ته ڪٿي مهانگائي آهي ۽ ڪٿي ناهي.

Read Previous

والاريل ڪشمير ۾ مندر ۾ ڀاڄ سبب 12 ڄڻا فوت ٿي ويا

Read Next

وفاقي حڪومت جو نواز شريف کي واپس نه آڻڻ تي شهباز شريف خلاف ڪارروائي جو فيصلو

Most Popular