وفاقي حڪومت جو نواز شريف کي واپس نه آڻڻ تي شهباز شريف خلاف ڪارروائي جو فيصلو

سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سنڌ اڪيلو صوبو آهي، جتان جا شهري صحت ڪارڊ مان فائدو نه پيا کڻن.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پ پ سنڌ جي ماڻهن کان الائي ڪهڙو بدلو وٺي رهي آهي، سنڌ ۾ اسپتالن جو جيڪو حال آهي، ان سان عام ماڻهو متاثر ٿي رهيو آهي.

هن تسليم ڪيو ته ملڪ ۾ مهانگائي آهي پر پاڪستان ۾ معاشي استحڪام واپس اچي رهيو آهي، هاڻ صورتحال ۾ بهتري اچڻ شروع ٿيندي.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي واپسي جي حوالي سان فواد چوڌري چيو ته نواز شريف جي واپسي لاءِ وزيراعظم اٽارني جنرل کي هدايت جاري ڪئي آهي.

سندس چوڻ هو ته شهباز شريف، نواز شريف کي واپس آڻي يا جعلي حلف نامي تي ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، هاءِ ڪورٽ کي ان معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي شهباز شريف کي گهرائڻ گهرجي، وفاقي حڪومت ان معاملي تي شهباز شريف خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي، سندس خلاف عدالتي ڪارروائي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڪئي ويندي.

هن وڌيڪ چيو ته فنانس ترميمي بل 15 کان 20 جنوري تائين پاس ٿي ويندو، اسان کي 5 سالن ۾ 55 بلين ڊالر واپس ڪرڻا آهن، اسٽيٽ بئنڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروي ناهي رکيو پر اسٽيٽ بئنڪ جو آزاد ٿيڻ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي.

Read Previous

غريب ماڻهو لاءِ بنيادي شين جي خريداري ڏاڍي ڏکي ٿي چڪي آهي: جهانگير ترين

Read Next

مٿي جو سور موتمار به ثابت ٿي سگھي ٿو

Most Popular