مسجد مسمار نه ڪرڻ جي اپيل رد، زمينن تي قبضي ۾ مذهب جو استعمال ٿي رهيو آهي: سپريم ڪورٽ

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ ڪراچي جي علائقي طارق روڊ تي ٺهيل مدينه مسجد کي مسمار ڪرڻ کان روڪڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

ڪراچي ۾ حددخلين کي خاتمي بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ٿي.

اٽارني جنرل خالد جاويد خان طارق روڊ تي قائم مدينه مسجد مسمار ڪرڻ جي حڪم تي نظرثاني جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته سپريم ڪورٽ کي درخواست آهي ته پنهنجي 28 ڊسمبر جي حڪم تي نظرثاني ڪري، ان ڪيس ۾ سنڌ حڪومت ڌر ناهي، اڳ ۾ سنڌ حڪومت کان تفصيلي رپورٽ وٺو، عدالت سامهون سموريون حقيقتون نه رکيون ويون، اهو معاملو ڪمرشلائيزيشن جو ناهي، تنهن ڪري ٻيهر ڏٺو وڃي.

اٽارني جنرل چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم سبب مذهبي تڪرار جنم وٺي رهيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سنڌ حڪومت ڀلي مسجد لاءِ متبادل زمين ڏئي ڇڏي.

خالد جاويد خان چيو ته مسجد مسمار ڪرڻ جي حڪم سان ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل صاحب! اهو پارڪ ته اسان پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي.

جسٽس قاضي امين چيو ته زمينن تي قبضي ۾ مذهب جو استعمال ٿي رهيو آهي، توهان حڪومت جا نمائندا آهيو، چاهيون ٿا آسمان ڪِري پئي پر حڪومت نه ڪِري، عبادتگاهه ۽ اقامت گاهه ۾ فرق هوندو آهي.

اٽارني جنرل چيو ڄاڻان ٿو ته اهو رياست ۽ صوبائي حڪومت جو فرض آهي ته مسجد لاءِ زمين ڏئي، اٽارني جنرل اپيل ڪئي ته سپريم ڪورٽ پنهنجو حڪم واپس وٺي.

چيف جسٽس چيو رڳو ايترو ڪري سگهون ٿا ته جيستائين مسجد جي نئين جاءِ نه ملي، تيستائين ان کي نه ڪيرائڻ جو حڪم ڏيون، پارڪ تان حددخليون ڪيرائڻ جو حڪم واپس نه ٿيندو، اسان پنهنجا فيصلا واپس وٺڻ شروع ڪيا ته ان سڄي ڪارروائي جو ڪهڙو فائدو؟

جسٽس قاضي امين چيو ته حددخلين تي مسجد جي اڏاوت غير مذهبي قدم آهي، اسلام ان جي اجازت نٿو ڏئي، مسجد ٺاهڻي آهي ته پنهنجي کيسي سان ٺاهيو.

سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کان ٽن هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي.

Read Previous

ڪراچي وارن لاءِ بجلي مهانگي ٿي وئي

Read Next

ماهرا خان جو مداحن کي نئين سال جو تحفو

Most Popular