وڏي وزير پي ايس ايل لاءِ سنڌ جي پنهنجي ٽيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌي نوجوان ڪرڪيٽر شاهنواز ڏاهاڻي تي کيس فخر آهي، اسان شاهنواز کي هر طريقي سان پروموٽ ڪنداسين.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي پنهنجي دوستن ۽ عزيزن سان گڏ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته شاهنواز ڏاهاڻي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو چمڪندڙ ستارو آهي.

وڏي وزير  ڪرڪيٽر شاهنواز ڏاهاڻي کي چيو ته هو  پنهنجي تربيت تي وڌيڪ ڌيان ڏئي ۽ سنڌ جي ٻين نوجوانن کي به اڳتي آڻڻ ۾پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان کي سانگهڙ جي بهترين اسپنر نعمان ۽ ٻين نوجوانن کي به ڪرڪيٽ ۾ پروموٽ ڪرڻو آهي،آئون پي ايس ايل جي لاءِ ڪا ٽيم آڻڻ چاهيان ٿو، اسان ڪو اسپانسر ڳولي رهيا آهيون،جلد پي ايس ايل ڪرائينداسين.

فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي وڏي وزير جا ٿورا مڃيا،ان دوران وڏي وزير قومي ٽيم جي  رانديگر کي پنهنجي شيلڊ، سنڌي ٽوپي  ۽ اجرڪ پيش ڪئي.

وڏي وزير چيو ته هو ڪرڪيٽ ميچ به ڪرائيندو، جنهن ۾ شاهنواز ڏاهاڻي بالنگ ڪندو ۽ آئون بيٽنگ ڪندس.

Read Previous

ماهرا خان جو مداحن کي نئين سال جو تحفو

Read Next

شام ۾ داعش جو راڪيٽ حملو، 5 فوجي مارجي ويا، 20 زخمي

Most Popular