پي سي بي آفيسرن ۽ اسٽاف جي مراعتن ۽ پگهارن جا تفصيل سامهون اچي ويا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي آفيسرن ۽ اسٽاف جي مراعتن ۽ پگهارن جا تفصيل قومي اسيمبلي جي بين الصوبائي رابطن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪيا ويا.

رپورٽ موجب فزيو ٿراپي جي ڪنسلٽنٽ جي پگهار 21 لک 15 هزار 910 رپيا آهي، جڏهن ته ڊائريڪٽر ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن جي پگهار 13 لک 59 هزار 651 رپيا آهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس سينٽر محمد نديم خان جي پگهار 13 لک 15 هزار رپيا، هيڊ انٽرنيشنل پليئرز ڊولپمينٽ ثقلين مشتاق جي پگهار 12 لک 77 هزار 711 رپيا آهي.

چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلمان نصير جي پگهار 12 لک 45 هزار رپيا آهي، جڏهن ته چيف فنانشنل آفيسر جاويد مرتضيٰ جي پگهار 12 لک 40 هزار 417 رپيا، چيف ميڊيڪل آفيسر نجيب الله سومرو جي پگهار 12 لک 15 هزار رپيا آهي.

سليڪشن ڪميٽي چيئرمين محمد وسيم جي پگهار 10 لک رپيا، ڊائريڪٽر هيومن ريسورس سرينا آغا جي پگهار 8 لک 65 هزار رپيا ۽ ڊائريڪٽر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ آپريشن ذاڪر خان جي پگهار 8 لک 44 هزار 708 رپيا آهي.

ڊائريڪٽر سيڪيورٽي آصف محمود جي پگهار ساڍا 6 لک رپيا، ايس جي ايم آپريشنز لاجسٽڪس اسد مصطفيٰ جي پگهار 6 لک 13 هزار 345 رپيا آهي، جڏهن ته ايس جي ايم فنانس عتيق رشيد جي پگهار 6 لک رپيا آهي.

چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر محمد عبدالصبور، انور سليم ڪاسي، بابر خان، نجيب صادق ۽ عبدالله خرم نيازي جي پگهار 5-5 لک رپيا آهي.

Read Previous

صبا قمر کي وري شادي جي آڇ

Read Next

خيبر پختونخواهه: مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو

Most Popular