چين مصنوعي چنڊ ٺاهيندو

چين جلدي مصنوعي چنڊ کي متعارف ڪرائيندو جنهن ۾ زمين جي سيٽلائيٽ جهڙي ڪشش ثقل ۽ ماحول موجود هوندو.

پرڏيهي ميڊيا موجب چين طرفان شوزو نالي شهر ۾ هڪ اهڙو تحقيق مرڪز جي اڏاوت ڪئي پئي وڃي جتي چنڊ جهڙو ماحول جوڙيو ويندو، اهو پنهنجي طرز جو پهريون تحقيقي ادارو هوندو جتي مقناطيس کي استعمال ڪري چنڊ جهڙو ماحول تيار ڪيو ويندو.

ان مرڪز جي اند هڪ ويڪيوم چيمبر هڪ ننڍي چنڊ جو گھر هوندو جتي چنڊ جي سطح جهڙيون ڀتيون وغيره موجود هونديون.

چائنا يونيورسٽي آف مائيننگ اينڊ ٽيڪنالوجي جي سائنسدان لي ريولين ٻڌايو ته ان مرڪز سان چين جي خلائي منصوبن کي هٿي ملندي ۽ ماهرن کي مختلف ڳالهيون حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي، جئين چنڊ تي انفراسٽرڪچر جي تعمير وغيره.

چين طرفان خلائي پروگرامز تي اربين ڊالرز خرچ ڪيا پيا وڃن ۽ مختلف مشنز روزانو ڪيا پيا وڃن جيئن چنڊ جي اونداهي حصي تي دنيا جو پهريون مشن موڪلڻ ۽ 2021ع ۾ مريخ تي پهرين مشن جي ڪاميابي تائين پهچڻ.

Read Previous

مهانگائي جو مسئلو اپريل تائين حل ٿي ويندو: شيخ رشيد

Read Next

آئون عمران خان لاءِ ڀوائتو خواب آهيان: شهباز شريف

Most Popular